سنڌو شينهن درياهه

سنڌو شينهن درياهه

شير دريا

شير دريا

سنڌو شينهن درياهه

سنڌو شينهن درياهه (ڪتاب): جين فيئرلي جي ڪتاب The Lion River, The Indus جا سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ترجما ٿيا آهن. ڪتاب جو سنڌي ترجمو، نامور مترجم عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ، 1999ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جڏهن ته ان جو اردو ترجمو علي حسنين شفيع ’دريائي سندهه ڪي تاريخ: شير دريا‘ جي عنوان سان ڪيو هو، جيڪو جمهوري پبلبڪيشن لاهور، 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هي ڪتاب اٺن بابن تي مشتمل آهي:
(1) ڏندڪٿائن مطابق سنڌوءَ جو آبي ذريعو (دريا جو روايتي سرچشمو)،
(2) شينهن جو وات (ببر شينهن جو منهن، سنگهي ڪ-باب)، (3) سنڌوءَ جي منهن وارو پاڻي (دريا جي مٿاهين جنم ڀومي)،
(4) دنيا جي مٿاهين ڇت مان وهندڙ پاڻي، (5) هـتــان جـا مـاڻهـو ۽ مارڪيٽ (منڊيون ۽ ڪوهه پيما)، (6) تڪراري سرحدون،
(7) اتريون موڙ، (8) خشڪ جبل (نانگا پربت)، (9) ڪراهت جهڙي ويراني (نفرت انگيز غارت گري).
سنڌو درياهه هماليه جي بلندين مان ڦُٽي عربي سمنڊ جي اونهن پاڻين ۾ پهچڻ لاءِ هڪ طويل سفر ڪري ٿو، ڪٿي هي بنهه سوڙهو ۽ پٿراون پهاڙن جي وچان پنهنجي واٽ جوڙي ٿو ۽ ڪٿي برف پوش وادين مان گذري ٿو ۽ پوءِ پنجاب جي ميدانن کي سيراب ڪري ٿو ۽ ڪٿي سنڌ جي صحرائن کي ڇُهي ٿو. اُن جو سڀا ۽ هر خطي ۾ مختلف آهي ۽ پنهنجي مزاج موجب ان کي ’شينهن درياهه‘ سڏيو وڃي ٿو. ان ۾ خاموشي به آهي ۽ پاڻيءَ جي گڙگڙاهٽ جو شور پڻ ۽ ڪٿي اونهائي به آهي ۽ وري ڪيترا اهڙا هنڌ اچن ٿا، جتان سندس ٻيو ڇيڙو انساني نظرن کي پنهنجي وسعت جي حوالي سان حيران ڪري ڇڏي. ان ڪري هن کي ’سنڌ ساگر‘ به چيو وڃي ٿو.
سنڌو درياهه دنيا جي اهم درياهن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ هي ڪتاب ان حوالي سان هڪ منفرد ۽ بي مثال ڪتاب آهي. سنڌي ڇاپو، ڊيمي سائيز جي 342 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي قيمت 170 روپيا آهي.


لفظ سنڌو شينهن درياههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو